تهران- 14 فيبروري (اي پي پي) ايران جي پارليمان ۽ ان سا جڙيل نيوز ايجنسي جي ويب سائيٽس کي هيڪرز جو نشانو بڻجڻ کان پوءِ عارضي طور تي بند ??يو ويو آهي .العربيه جي رپورٽ ايراني پارليمان جي ويب سائٽس تي سائبر حملي جي نتيج?? ۾ ??ارليمان ۽ ان جي نيوز ايجنسي خانه ملت جي ويب سائٽ کي بند ??يو ويو آهي ايران پاران ان سلسلي ۾ جاري بيان موجب ان مسئلي جي سنگيني ۽وسعت بابت ٽيڪنيڪي ٽيم جاچ ڪري رهي آهي ان سائبر حملي جو دعوو هڪ هيڪنگ گروپ ??يو هيو جنهن کي اپرائزنگ ٽل اووٿرو چيو ويندو آهي اهو گروپ جلا وطن ايران مخالف گروپ پيپلز مجاهدين آرگنائزيشن آف ايران ( پي ايم او آئي ) سان وابسته آهي جنهن کي ايراني حڪومت هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ٿي هڪ بيان ۾ ان گروپ چيو ته ان ايران جي پارليمنٽ سان وابسته 600 سرورز کي هيڪ ??يو ۽ سوين ورڪن جو هيڪ ڪيل مواد پنهنجي ٽيليگرام پيج تي جاري ??يو اهو سائبر حملو ايران ۾ پهرين مارچ تي نئين پارليمنٽ جي چونڊ لاءِ ٿيندڙ اليڪشن کان ٽي هفتن کان به گهٽ و??ت پهرين ٿيو ايران حڪومت سان جڙيل ويب سائٽس ۽ ميڊيا آٽ ليٽس کي گذريل سالن ۾ ڪيترائي سائبر حملا ٿيا . گذريل ڊسمبر ۾ ٿيندڙ سائبر حملن ۾ ايران جا 60 سي??ڙو پيٽرول اسٽيشنن کي هدف بڻايو هيو جنهن مان گيس جي سپلائي ۽ وڪرو متاثر ٿيو هيو .
سائبر حملي کانپوءِ ايراني پارليمنٽ، نيوز ايجنسي جي ويب سائٽ بند
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ