اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان کي انهن عملن تي گهري نظر رکڻي پو??دي جيڪي ڪڌن مقصدن ۽ بدنيتي سبب ڇڪتاڻ کي ??وا ڏئي رهيا آهن ۽ نا??ڪ معاملن ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري غلط فهميون وڌائڻ چاهين ٿا. پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران افغان شاگردن جي لاءِ ٽي هزار اسڪالرشپسس ڏيڻ بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد رڳو جاگرافيائي ويجهڙائپ نه آهي پر ٻئي قومون رت، ثقافت، تاريخ ۽ عقيدي جي ر??تي ۾ ڳنڍيل آهن، اهو ئي تعلق هو جنهن سبب اسان جي ابن ڏاڏن جي وچ ۾ سدائين ويجها ۽ ??رج??ش لاڳاپا رهيا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ