روم -14 جون (اي پي پي ) ترقي يافته معيشتن تي ٻڌل گروپ جي سي??ن روسي فوج سان وڙهڻ ۾ مدد لاءِ يوڪرين کي 50 ارب ڊالرن جي وڏي رقم فراهم ڪرڻ جي مقصد سان منجمند روسي ??ثا??ا استع??ال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بي بي سي موجب اٽلي جي ڏاکڻي شهر پگليا ۾ جي سي??ن سربراهي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اهو قدم روس لاءِ هڪ يادگيري آهي ته اسان روس کان جنگ کٽڻ تائين يوڪرين جي حمايت کان پوئتي نه هٽي رهيا آهيون ۽ نه ئي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن اسان کي ڌار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب اها رقم هلندڙ سال جي آخر تائي?? به يوڪرين کي ملڻ جي اميد ناهي پر ان کي يوڪرين جي جنگي ڪوششن ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حل طور ڏٺو پيو وڃي. اٽلي ۾ جي سي??ن سربراهي اجلاس جي موقعي تي يوڪري جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن يوڪرين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 10 سالن جي سيڪيورٽي معاهدي تي صحيحو?? به ڪيون . 2022 ۾ روس جو يوڪرين تي حملي کان پوءِ يورپي يونين سان سهڪار سان جي سي??ن طرفان روس جي تقريبن 325 بلين ڊالر جي ??ثا??ن کي منجمند ڪيو ويو هو . روس جي مرڪزي بينڪ جي مجنمند ??ثا??ن مان وڌيڪ ??ثا??ا بيلجيئم ۾ رکيا ويا آهن، انهن ??ثا??ن تي ساليانو اٽڪل ٽي بلين ڊالر وياج حاصل ٿي رهيو آهي . جي سي??ن جي منصوبي موجب اهي ٽي بلين ڊالر يوڪرين جي لاءِ 50 بلين ڊالر جي قرض تي ساليانو وياج جي ادائيگي لاءِ استع??ال ڪيا ويندا پر عالمي قانون تحت ملڪ روس مان انهن ??ثا??ن کي ضبط ڪري يوڪرين کي نٿا ڏئي سگهن. يوڪريني صدر پنهنجي آمريڪي ۽ ٻين اتحادين جي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو .
جي سيون پاران يوڪرين کي 50 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ منجمد روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ