دبئي -17 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي رياست دبئي م برساتن سبب ڪيترن ئي سرڪاري ۽ تعليمي ادارن ۾ (ڪالهه) 17 اپريل تي پڻ سمور??ون سرگرم??ون آن لائين سرانجام ڏن??ون ويون. اماراتي وزيرن واري ڪائونسل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته سمو??ن سرڪاري ادارن جي ملازمن گهرن مان ڊيوٽي ا??جام ڏنيون، موسمي حالتن سبب آفيسن کي بند رکيو ويندو. دبئي ۾ شديد برساتن سبب ايئرپورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ پڻ متاثر رهي، گذريل ڏينهن 24 اڏامون ملتوي ڪ??ون ويون. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل ويڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، طوفاني برساتن کان پوءِ دبئي ايئرپورٽ کي 25 منٽن لاءِ بند ڪرڻو پيو جنهن سبب ڪيتر??ون ئي اڏامون ملتوي ٿي ويون. ايئرپورٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسمي حالتن سبب ايئرپورٽ جي رستن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ اڏامن جي اچ وڃ متاثر رهي. مسافرن کي گهرجي ته اهي پنهنجي اڏام جي حوالي سان معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ايئرپورٽ اچن. موسميات کاتي دبئي جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڪيتريون ئي اڏامون متاثر، آفيسون بند
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado