پيرس -17 اپريل (اي پي پي)يورپ جي فلڪيات ماهرن ڪهڪشائن ملڪي وي ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ڪميت سج کان 33 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اهو بليڪ هول زمين کان 2 هزار نوري سال جي مفاصلي ??ي واقع آهي. گارڊين موجب بليڪ ه??ل جنهن کي Gaia BH3 جو نالو ڏنو ويو آهي يورپي خلائي ايجنسي گايا جيڪ?? ملڪي وي جو نقشو تيار ڪرڻ لاءِ وقف آهي جنهن مشين ذريعي جمع ڪي?? ڊيٽا جي تجزئي دوران بليڪ هول کي دريافت ڪي?? آهي. بليڪ هول ان وقت دريافت ٿيو جڏهن سائنسدانن ان جي ويجهو گردش ڪندڙ هڪ ستاري جي غيرمعمولي لهردار حرڪت جو مشاهدو ڪي??. بليڪ هول ستارن جي زندگي جي پڄاڻي تي انهن جي ٽٽڻ سان پيدا ٿيندا آهن. اسان جي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ دريافت ٿيل بليڪ هول بي ايڇ ٿري هڪ غير فعال بليڪ هول آهي جيڪو پنهنجي ويجهي ترين ستاري کان به تمام گهڻو پري آهي. واضح رهي ته گايا جو مشن گذريل 10 سالن کان زمين کان 15 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي ??ي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فراهم ڪي?? ڊيٽا مان هڪ ارب 80 ڪروڙ ستارن جي پوزيشن ۽ حرڪتن جو ٿري ڊي نقشو تيار ڪي?? پيو وڃي.
يورپي فلڪيات ماهرن پاران ملڪي وي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria