سرينگر- 05 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ ڪشميري اربع 6 نومبر تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا ۽ خودارايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ??ھيدن جي مشن کي جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندو پرستن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ ان وقت لکين ڪشميري جو قتل عام ڪيو جڏھن ڪشميري نومبر 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ يوم شھداءِ ڄمون ملھائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي. شھداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڀار?? خلاف مظاھرا، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. ڪشميري شھيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف، سياسي، مذھبي ۽ عوامي تنظيمن طرفان خاص دعائن جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آھن. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن شھداءِ ڄمون کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيوآھي. انھن چ??و ته ڪشميري ڊگھي عرصي کان ڀارت جي قبضي مان آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رھيا آھن ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڄمون ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. ھنن عالمي برادري تي زور ڀر??و ته معصوم ڪشميرين ??ي ظلم بند ڪرائڻ ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشميرين ??ي اميدن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺھرائن مطابق حل ڪرڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌائي. حريت جي اڳواڻن چ??و ته ڄمون ۾ قتل عام مسلمانن جي نسل ڪشي جي شروعات ھئي جيڪا اڃا تائين مسلسل جاري آھي. هنن چ??و ته ڀارت پاران قتل عام ڪرڻ جو مقصد علائقي جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ھو. ان دوران ڪشمير ڪائونسل اي يو ڪي جي چيئرمين ??لي رضا سيد شھداءِ ڄمون کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو آھي ته ڄمون جي شھيدن پنھنجون جانين ??و نذرانو پيش ڪري قربانيءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ۽ سموري علائقي ڄمون ڪشمير ۾ حريت جي جذبي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آھي. علي رضا سيد برسلز ۾ شھدائي ڄمون جي حوالي سان ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چ??و ته اسان شھداءِ ڄمون جي قربانين کي ڪڏھن وساري نه ٿا سگھون، جن پنھنجون جانيون پيش ڪري ڄمون ڪشمير جي ماڻھن جي ھمٿ ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
ڪشميري اربع 6 نومبر تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل