دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) قطر جي نمايان ڪاروباري شخصيتن وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان ۾ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن (ڪيو بي اي) جي وقد شيخ فيصل بن قاسم الثاني جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قطر جي اهم ڪاروباري شخصيتن جن ۾ المنا گروپ جي وائيس چيئرمين ۽ سي اي او سعود بن عم بن حمد المنا، منائي ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خالد احمد المنائي، چيئرمين ايم اي اين اي ۽ ڊوئچي بئنڪ جي چيف ڪنٽري افيسر صلاح محمد جيده، منصور جاسم الثاني گروپ جي چيئرمين شيخ منصور بن جاسم الثاني، بليو سيلون جي سي اي او نبيل ابو عيسيٰ ۽ ڊائريڪٽر سينڊين گروپ يوسف ابراهيم المحمود سميت معيشت جي اهم شعبن جا بااثر اڳواڻ شامل هئا. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل هدفن جي نشاندهي تي زور ڏنو ويو. وز??را??ظم محمد شهباز شريف قطر جي ڪاروباري اڳواڻن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي باضابطا دعوت ڏيندي پاڪستان جي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش جڳهه جي حيثيت سان توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم اقتصادي پراجيڪٽس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي م??قعن تي روشني وڌي. وفد پاڪستان جي اقتصادي م??ظرنامي خاص طور تي توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ايندڙ منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران پاڪ قطر اقتصادي لاڳاپن ۽ ان حوالي سان وڌيڪ امڪاني تعاون جو جائزو ورتو جيڪو ٻنهي م??ڪن ۾ روزگار جي تخليق ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. وفد وز??را??ظم جي دعوت جو مثبت جواب ڏيندي پاڪستان جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم ۽ قطري وفد اقتصادي استحڪام ۽ ترقي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
قطر جي نمايان ڪاروباري شخصيتن پاران وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان ۾ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo