اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ يو اين وومن ۽ انٽرا ايجنسي جينڊر اينڊ ڊولپمينٽ گروپ (آءِ اين جي اي ڊي) جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۾ صنفي مساوات ۽ عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي عزم کي وڌ??ڪ تقويت ڏيڻ آهي. ملاقات ۾ يو اين وومن جي ماريا هولٽسبرگ، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي اينڊريو بوڊن ۽ يورپي يونين جي جيرون وليمز کان علاوه عالمي نمائندا پڻ شريڪ هئا. انهن نمائندن وفاقي و??ير کي عالمي تجربن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ۾ مضبوط صنفي بنياد تي ڍانچي ۽ آگاهي پروگرامن جي جوڙجڪ ۾ بين الشعبن ۾ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان اعليٰ سطحي مڪالمي ۾ پاڪستان ۾ عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن ۽ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملين ۽ هدف وارن قدمن تي زور ڀريو. ڪالهه انساني حقن واري و??ارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي و??ير ان موقعي تي پاڪستان حڪومت طرفان عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ جي لڳاتار قدمن تي روشني وڌ?? جنهن ۾ آفيسن ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ جو قانون ۽ عورتن جي ملڪيتن جي حقن کي لاڳو ڪرڻ جهڙا اهم قانون شامل آهن. انهن ڪوششن جو مقصد پاڪستان جي عالمي معاهدن ج??ڙو?? عورتن خلاف هر قسم جي اڻبرابري جي سلوڪ جي خاتمي جي ڪنوينشن (سي اي ڊي اي ڊبليو) تحت ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ آهي جنهن سان عورتن لاءِ برابر موقعن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي و??ير وڌ??ڪ چيو ته جامع ۽ شراڪتي طريقن جي اهميت کي تسليم ڪندي انساني حقن واري و??ارت مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور تي شامل ڪري رهي آهي. صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي شموليت لاءِ قومي حڪمت عملي، جيڪا يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان جي اين جي او، روزن جي سهڪار سان تيار ڪئي و??ي آ??ي، جنهن جو مقصد معاشرتي تب??يل?? کي هٿي ڏيڻ آ??ي، جنهن تحت نقصانڪار صنفي تصورن کي چئلينج ڪيو وڃي ۽ تشدد خلاف مردن جي ذميواريءَ کي هٿي ڏني وڃي. ان کان علاوه عورتن کي وڌ??ڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ قومي ترقي ۾ سندن ڪردار کي مستحڪم ڪرڻ ۽ هڪ وڌ??ڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ ضروري آهي.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يو اين وومن ۽ انٽرا ايجنسي جينڊر اينڊ ڊولپمينٽ گروپ جي نمائندن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا