اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ا?? ڳالهه ??ي اتفاق ڪيو آهي ته آءِ پي پيز جي معاملي تي پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان ??ائوس ڪميٽي جوڙي ان ??عاملي کي غور هيٺ آندو وڃي جتي ??موريون لاڳاپيل اخ??ياريون ان حوالي سان بريفنگ ڏين. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران علي محمد خان چيو ته آءِ پي پيز جي ڌٻڻ ۾ پاڪستان ??ڏي چڪو آهي، ان باري ۾ خاص توانائي ڪميٽي جوڙي وڃي، پوءِ ان ??سئلي جي حل لاءِ غور ويچار ڪيو وڃي. مصدق ملڪ چيو ته ان حوالي سان ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، علي محمد خان جي تجويز تمام سٺي آهي، سڀني پارٽين کي ان جذبي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پن بجلي جي پيداوار سردين جي موسم ۾ گهٽ ترين سطح تي ??چي ويندي آهي، گرمين ۾ 30 هزار ۽ سردين ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي اسان جي ضرورت آهي، سردين ۾ 20 هزار ميگاواٽ بجلي جي ڪيپسٽي پيمينٽ ادا ڪئي ويندي آهي، ان ??رق کي ڪڍڻ لاءِ ڪجهه ??جويزن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جو حل نڪري ايندو. راجه پرويز اشرف چيو ته پوري هائوس جي ڪميٽي ٺاهي ان ??عاملي تي ??ور ڪيو وڃي، لاڳاپيل اخ??يارين کي ان ۾ گهرايو وڃي، هائوس سامهون آءِ پي پيز جو قصو اچي ته جيئن ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي. حنيف عباسي چيو ته هڪ وزير 10 وزارتن جو جواب ڏئي اهو ممڪن ناهي، سڀني کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن، مقامي آءِ پي پيز به کرب پتي ??ڻجي ويون آهن.
آءِ پي پيز جي معاملي تي پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اتفاق
مضمون کا ماخذ : رومن دولت