اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذر??ائ??جان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ڌرين بنيادي ??لچ??پي جي معاملن تي سدائين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مستقبل ۾ ٻئي ڌريون عالمي فورم تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکندا. وزيراعظم نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 29 جي ميزبان شهر جي طور تي باڪو جي چونڊ تي پرڏيهي وزير بيراموف کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ان اهم ايونٽ جي ڪامياب نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آذر??ائ??جان سان گڏجي ڪم ڪندو. جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران صدر الهيام عليوف سان پنهنجي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي وزيراعظم آذر??ائ??جان جي صدر کي هن سال جي آخر ۾ پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. آذر??ائ??جان جي پرڏيهي وزير مهمان ن??از?? تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. هن آذر??ائ??جان جي قيادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن ??و پيغام ڏنو ۽ کيس آذر??ائ??جان جي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڀرپور خواهش جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير بيراموف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز