اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪن??ي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته مون کي ??قين آهي ته گڏيل طور تي اهي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ??رقي ۽ فنڪارن جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن جي ??ريعي پاڪستان جي ??يانيي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔