اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اين?? ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) ۾ جديد ترين روبوٽڪ سرجري ج?? شروعات تي خوشي ج?? اظهار ڪندي ان سهولت جي شروعات تي ڊاڪٽرز ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آ??ي. ??نهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الحمدالله پاڪستان ۾ جگر ۽ گردي ج?? علاج جو جيڪو ٻوٽو پوکيو هو ان ميوو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پي ڪي ايل آئي ٺاهڻ جو بنيادي مقصد اهل وطن کي ملڪ جي اندر ئي جگر ۽ گردي ج?? جديد ترين علاج جي سهولت ڏيڻ هئي، ان سهولت جي شروعات سان پاڪستان ۾ مريضن کي جگر ۽ گردن جي ورلڊ ڪلاس علاج جي مقامي سطح تي سهولت ميسر اچي وئي آ??ي. ??زيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پي ڪي ايل آئي پاڪستان جو ”جان پاڪنز“ بڻجندو. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2019ع ۾ پنهنجي ڀاءُ کي وڌيڪ پگهار ڏيارڻ جي لاءِ چڪر ۾ چڪر نه هلائي ها ته اڄ پي ڪي ايل آئي تمام گهڻو اڳتي هجي ها. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گردي ۽ جگر جي مرضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، اميد آهي پي ڪي ايل آئي سان ان مرضن کي روڪڻ ۽ موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ گردي ج?? مرضن سان فوت ٿيندڙ مريضن جو انگ 2.77 سيڪڙو آهي ج??هن کي روڪڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آ??ي. ??زيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آئي ج??ڙي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال ٻين علائقن ۾ به ٺاهينداسين. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ادارن ۽ سياسي مخالفن جي خلاف روبوٽڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي رهي، اسان اها ٽيڪنالاجي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ??ئي. هن چيو ته تعليم، صحت جي عالمي سطح جي سهولتن جي پاڪستانين کي فراهمي اولين ترجيح آ??ي. ??زيراعظم چيو ته 2018ع ۾ عوام جي ڀلائي ج?? جيڪو سفر روڪيو ويو هو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان هاڻي ٻيهر شروع ٿي چڪو آ??ي. ??ن چيو ته وزيراعظم عوام جي خدمت لاءِ جيڪا به قيمت ادا ڪرڻي پئي ادا ڪندس، عوام جي خدمت جو رستو نه ڇڏيندس.
وزيراعظم پاران پي ڪي ايل آئي ۾ جديد ترين روبوٽڪ سرجري جي شروعات تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس