اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پهرين آئين ساز اسيمبلي جي ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ عورت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي اهتمام هيٺ عورتن جو ڪنوينشن قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪئي. ڪنوينشن ۾ موجود ۽ اڳوڻي عورت پارليامينٽرين زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن جو موضوع مرڪز يقين شاد باد هو. اجلاس دوران ڪنوينشن ۾ شريڪ عورتن کي قومي اسيمبلي ۾ عورت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده مرزا اسپيڪر بڻي ته ??ن وومين ڪاڪس جو بنياد رکيو جنهن جو مقصد عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي ڪرڻ هو. وومين ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني چيو ته ??هيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت خلاف مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجو نالو ڪمايو. هو جمه??ري?? جي لاءِ شهيد ٿي تاريخ ۾ پنهنجو نالو امر ڪري وئي. جڏهن ته ??جلاس ۾ اهو وچن ورجايو ويو ته ??سان ملڪ جو دفاع ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ جو دفاع ڪنداسين. گلگت بلتستان سان لاڳاپيل سعديه دانش چيو ته ??ضرت خديجه ڪبريٰ ۽ حضرت فاطمه الزهره جي بي مثال جدوجهد ۽ عظيم قربانين سان تاريخ رقم ٿي آهي. اهڙي طرح محترمه فاطمه جناح ۽ ٻين عورتن تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. محترمه نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمه??ري?? جي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي، جڏهن ته ??ن موقعي تي ڊاڪٽر رٿ فائو کي به خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ چيو ته ??لله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين سازشن ۽ نفرتن کان محفوظ رکي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کانپوءِ جن به ناليوارين عورتن ۽ گمنام عورتن قربانيون ڏنيون انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر نعيمه ڪشور خان چيو ته قانون ته ??مام گهڻا ٺهن ٿا پر هاڻي اسان کي انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. نزهت شيرين چيو ته ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي عورتن جو ڪنوينشن منعقد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. نرگس فيض ملڪ چيو ته ??يندڙ چونڊن ۾ سڀئي سياسي پارٽيون اهو وچن ڪن ته ??ورتن کي سرمائيدار طور تي نه پر وفاداري جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏني ويندي. ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره چيو ته ??سان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، اسان کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ۽ منهنجي سڃاڻپ مهاجر آهي، آئون انهن جي نمائندگي ڪريان پئي، پاڪستان کي اسان ٺاهيو آهي جنهن تي شاهده رحماني چيو ته منهنجا ابا ڏاڏا به هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا. نامياري سماج سڌارڪ طا??ره عبدالله چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان اسان ڏسون پيا ته وومين ڪاڪس پوري طرح فعال ناهي رهيو ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. ٽرانس جينڊر جي نمائندگي ڪندي ببلي چيو ته ??سان کي پهريون ڀيرو هن ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??سان کي سڃاڻپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ٽرانس جينڊر جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهي ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته هن ايوان ۾ عورتن وانگر ٽرانس جينڊر لاءِ به ڪوٽا مخصوص ڪئي وڃي، هي اسان جو به پاڪستان آهي. جڏهن ته ??اهره اورنگزيب اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ايوان جا دروازا عام عورتن کي به لاءِ کوليا آهن. هن ڪنوينشن ۾ سمورين عورتن جي شريڪ ٿيڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته نرگس فيض جو اهو جملو تمام وڏو آهي ته ??ياسي پارٽين کي وفاداري جي بنياد تي عورتن کي ٽڪيٽون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته ??ئون ان مطالبي جي ۽ ٽرانس جينڊر جي لاءِ سيٽ مخصوص ڪرڻ جي به حمايت ڪريان ٿي. سحر ڪامران چيو ته ??هيد محترمه بينظير ڀٽو سوات تي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جو اعلان پنهنجي آخري خطاب ۾ ڪيو هو. وجيها اڪرم چيو ته ??ورت ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ آهي، ان جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته ??ن کانسواءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊپٽي اسپيڪر شاهين ڪوثر ڊار، سينيٽر روبينه خالد، سينيٽر رخسانه زبيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ڪنوينشن ۾ قرارداد پيش ڪندي چيو ويو ته ??ورتن جو هي ڪنوينشن ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عورتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ ڪنوينشن مطالبو ڪري ٿو ته ??ورتن کي قرآن ۽ سنت موجب حاصل حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. جڏهن ته ??ن کانسواءِ عالمي ڪنوينشن تحت عورتن کي جيڪي حق حاصل آهن انهن کي به يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته قرارداد کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.
آزادي ڏهاڙي تي پهرين آئين ساز اسيمبلي جي ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ عورت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي اهتمام هيٺ عورتن جو ڪنوينشن قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيو
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری