اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ کي مرحوم قرضدا?? جي خاند??ن کي 4 لک 23 هزار رپين جي واپسي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صدر وفاقي بئنڪنگ محتسب جو فيصلو برقرار رکيو ۽ بئنڪ ??ف پنجاب جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئنڪ مرحوم قرضدا?? جي خاند??ن کان هڪطرفي ۽ غيرمنصفاڻي طور وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪيو، بئنڪ پنهنجي ئي ضابطن جي خلاف غيرضروري طور تي روزاني جي معاملي کي الجهايو. شهري ميان الله وسايو بئنڪ ??ف پنجاب کان 2015ع ۾ 30 لک رپيا قرض ورتو، شهري 35 لک رپين جا ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ بطور سيڪيورٽي بئنڪ کي جمع ڪرايا. جنوري 2017ع ۾ شهري جو لاڏاڻو ٿي ويو پر بئنڪ ??ڪٽوبر 2018ع تائين مارڪ اپ وصول ڪري ورتو، بئنڪ ??رٽيفڪيٽ ڪيش ڪرايا، 57294 رپين بدران 480489 رپيا مارڪ اپ وصول ڪيو. الله وسايو جي بيواهه بئنڪ کي جنوري 2017ع تائين مارڪ اپ وٺڻ، وڌيڪ رقم معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بئنڪ ??رخواست منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪنگ محتسب فيصلو ڏنو ته بئنڪ ??صل رقم تي وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪرڻ، معاملو لٽڪائي بدانتظامي ۽ ناانصافي ڪئي. بئنڪ ??قم وصولي بابت ضروري رهنمائي فراهم ڪرڻ جي قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، بئنڪ ??يرضروري طور تي وقت سر سرٽيفڪيٽ ڪيش نه ڪيا، مارڪ اپ جمع ڪندي رهي. بئنڪنگ محتسب 2018ع جو معاملو بيهر نه کولڻ جو بئنڪ ??و عذر رد ڪري ڇڏيو هو. ڪو قانون يا ضابطو بئنڪ کي پراڻا معاملا ٻيهر کولڻ کان نه ٿو روڪي، صدر بنڪنگ محتسب جو رقم واپسي جو حڪم برقرار رکيو. صدر چيو ته بئنڪ ??ي اپيل ميرٽ تي ٻڌل نه آهي، بئنڪ قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ کي مرحوم قرضدار جي خاندان کي 4 لک 23 هزار رپين جي واپسي جو حڪم ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔