اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سف??ر امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي عرب ۾ سف??ر طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ج?? وچ ۾ ٻطرفا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ??رپور ساٿ ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سف??ر طور مقرري اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب ج?? وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي سف??رن کي اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ??ردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ??ردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سف??ر امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي وزير سان سعودي عرب لاءِ نامزد سفير امير خرم راٺوڙ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ