اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سارڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي ڪوڙن دعوائن ۽ تڪراري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سارڪ عمل ۾ ڀارت رڪاوٽ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي ??تعصباڻي روين ۽ چارٽر جي شقن جون خ??اف ورزيون ڪندي ڀارت 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي روڪڻ جو ذميوار آهي.
ترجمان چيو ته ڀارت جو جانبداراڻو رويو علائقائي تعاون لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم کي تيزي سان غير فعال ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ڀارت پنهنجي خود غرضاڻي طرز عمل تي نظرثاني ڪندو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ??اڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سارڪ عمل کي اڳتي وڌڻ جي ??ابل بڻائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي راهه ۾ ??ين??ڙ هٿرادو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته پاڪستان ??ين??ڙ سارڪ سربراهي اجلاس جي ??يزباني لاءِ تيار آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي عملدارن پاران ڪو به مبهم ۽ غ??ط بياني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي ??ڪائي نٿو سگهي.
ترجمان چيو ته ڪشميري عوام جي انساني حقن جي سنگين خ??اف ورزين کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران جاري ڪيل ٻن ڪشمير رپورٽن سميت عالمي انساني حقن جي ??شينري وڏي پئماني تي دستاويزي شڪل ڏني آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪشميري عوام ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي باري ۾ ڪيترائي ڊوزيئرز فراهم ڪيا آهن. ترجمان چيو ته ڀارت کي رياستي دهشتگردي کي پاليسي طور استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ان جي امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ڀارت کي ڪشميرين جي ??نصفاڻي، جائز ۽ مقامي جدوجهد جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ڀارت ڪشميري عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي کين گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب انهن جو رد ??ه ڪرڻ جوڳو حق خود اراديت ڏي.