اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دنيا ج?? انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وبا تي ضابطو آندو ويو آهي پر اسان کي عيدالاضحيٰ ۽ محرم دوران احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعميرات جي شعبي وانگر ٻيا شعبا به ايس او پيز سان گڏ کولي سگهجن، اسان ڪورونا سان گڏ پنهنجي ماڻهن کي بک سبب مرڻ کان به بچائڻو هو ان لاءِ خطرو کڻي سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جيڪو الله جي فضل ۽ ڪرم سان بهتر ثابت ٿيو، عيدالاضحيٰ ۽ محرم تي احتياط نه ڪئي ته ڪيسز جي ??نگ ۾ ٻيهر اضافو ٿي سگهي هو. هو وزيراعظم هائوس ۾ ڪورونا ج?? صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چي?? ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪورونا ج?? ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٽن مهينن دوران سڀ کان گهٽ شرح ڪلهه رڪارڊ ڪئي وئي آه??، اسپتالن تي مريضن جو جيڪو دٻاءُ هو ان ۾ به گهٽتائي آئي آه??، انتهائي نگهداشت ۽ آڪسيجن بيڊز تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چي?? ته اهو الله تعاليٰ جو اسان تي خاص ڪرم آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان آهي جنهن ڪورونا ج?? وبا تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا ??ئل??نجز ختم ناهن ٿيا. اسان کي احتياط کي ڇڏڻو نه آهي. هن چي?? ته 13 مارچ تي جڏهن لاڪ ڊائون ڪي?? ته وڏا ??ئل??نجز درپيش هئا، اڄ اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون ۽ ڪورونا ڪيسن جو ??نگ گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان تي دٻاءُ ه?? ته اسان يورپ جهڙا قدم کڻون. اسان به لاڪ ڊائون ڪيو، اسان جي پهرين حڪومت هئي جنهن ان ڳالهه کي سمجهي?? ته يورپ ۽ چين جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جون حالتون مختلف آهن.
پاڪستان وبا تي ضابطو آڻيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال