اسلام آباد – 16 فيبر??ري (اي پي پي) سعودي عرب جو و??ي عهد شه??اده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اڄ آچر ڏينهن پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪند??، اپريل 2017ع ۾ ولي عهد جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شه??اده محمد بن سلمان جو پاڪستان جو رياستي سطح جو هي پهريون دورو هوندو، ساڻس گڏ سعودي شاهي خاندان جي ميمبرن، اهم وزيرن ۽ ناليوارين ڪاروباري شخصيتن سميت اعليٰ اختياراتي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شه??اده محمد بن سلمان جيڪو وزيرن جي ڪائونسل جو نائب صدر ۽ د??اع واري وزير سميت سلطنت جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز آهي 17 ۽ 18 فيبر??ري تي پنهنجي د??ري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino