جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين ۾ وڏي صلاحيت آهي ۽ اسان انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جده ۾ شاهه فيصل محل ۾ سع??دي عرب ۾ ??هن??ڙ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سع??دي عرب ۾ ??هن??ڙ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن، ??اڪٽرز، ٽيچرز، تعليمي ماهرن، انجنيئرن، ??انٽريڪٽرز ۽ ??لڊ??ز ٻاهرئين ملڪ ??هن??ڙ پاڪستانين کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي. حڪومت سمورن ڪنسٽرڪشن ڪمپنين کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو ذريعي سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندس بدعنواني ۽ قبضي گ??وپن جي خلاف جنگ آهي. حڪومت اسلام آباد ۾ قبضن جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ هيستائين 300 ارب رپين جي زمين خالي ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جاگرافيائي، تزويراتي پوزيشن هجڻ سبب ملڪ خوشحال ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن هڪ ڀيرو گورننس جو نظام بهتر ٿي ويو ۽ بدعنواني ۾ گهٽتائي اچي وئي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين راهه تي گ??مزن ٿي ويندو.
اسلام آباد ۾ 300 ارب رپين جي زمين قبضي کان خالي ڪرائي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں