آستانه – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مڪمل ميمبر جي حيثيت سان علائقائي امن، رابطن ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ تنظيم جا گڏ??ل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششون استعمال ۾ آڻيندو. هن اها ڳالهه ايس سي او جي مملڪتي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پرامن پاڙيسريت جي پاليسي تي ڪاربند آهي. هن ايندڙ نسلن جي لاءِ امن ۽ هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏ??و. هن چيو ته پنهنجي توسيع سان ايس سي او ح??يقي طور تي بين البراعظمي تنظيم بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته ايس سي او عالمي تبديلين جي ڏس ۾ علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نمايان ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا