پيانگ يانگ-12 نومبر (اي پي پي) اُتر ڪوريا ??وس سان دفاعي معا??دي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندي اُتر ڪوريا ۽ ??وس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان معا??دي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ناتن کي بهتر بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻُڌايو ته اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان هڪ حڪمنامي ذريعي ??وس سان معا??دي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ ??وس جي پارليامينٽ گذريل هفتي ان معا??دي جي توثيق لاءِ اتفاق راءِ تي ووٽ ڏنو هو جنهن تي صدر ولادي مير پيوٽن بعد ۾ صحيحيون ڪيون هيون. ??وس جي صدر ۽ اُتر ڪوريا جي اڳواڻ جون ۾ ر??س جي صدر جي اُتر ڪوريا جي دؤري دوران اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي معا??دي تي صحيحيون ڪيون هيون. هي معاهدو ٻنهي رياستن کي هڪٻئي تي حملي جي صورت ۾ ڪنهن دير کانسواءِ فوجي مد?? فراهم ڪرڻ ۽ اولهه جي پابندين جي مخالفت ڪندي گڏيل تعاون جو پابند بڻائي ٿو. ولادي ميرپيوٽن جون ۾ ٿيل ان معا??دي کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو هو.
اُتر ڪوريا روس سان تاريخي دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي، اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا
مضمون کا ماخذ : کڑک