ڪابل-19 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) چيو آهي ته افغانستان ۾ عورتن جي حقن جي بحالي جو دارو مدار عالمي امداد تي آهي. يو اين ڊي پي جي جاري ??پورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آگسٽ 2021ع ۾ افغان حڪومت کانپوءِ سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ??ڪ تاريڪ تصوير پيش ڪئي وئي آهي، عورتن جي حقن جي تنزلي ۽ بئنڪنگ جو نظام تباهه ٿيڻ جي ??يجهو آهي، جنهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. افغان معيشت 2020ع کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 27 سيڪڙو گهٽجڻ جي عمل کان بحال ناهي ٿي ۽ ائين لڳي ٿو ته هي گهٽ سطح تي مستحڪم ٿي رهي آهي، جنهن جو وڏو سبب بئنڪنگ سيڪٽر تي پابنديون، واپار ۾ رڪاوٽون، ڪمزور ۽ ڌار ڌار عوامي ادارا ۽ اٽڪل ڪا پرڏيهي سيڙپڪاري، زراعت ۽ مينيوفيڪچرنگ جهڙن شعبن لاءِ ڊونر سپورٽ نه هجڻ گهرجي. سرڪاري ??داري ??اص طور تي اقتصادي شعبي ۾ عورت ملازمن سميت ٽيڪنيڪي مهارت۽ صلاحيتن کان محروم ٿي رهيا آهن، جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه شعبن ۾ جن ۾ استحڪام ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، آفيم جي ??يداور ۽ غير قانوني واپار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، تنهن هوندي به هي ملڪي رفتار کي تبديل ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورتن کي نه رڳو عوامي هنڌن تائين محدود پهچ حاصل آهي پر هو هاڻي گهٽ کاڌو به کائينديون آهن ۽ آمدني جي حوالي سان کين مردن جي ڀيٽ ۾ اڻبرابري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سمورن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جو تناسب به ڊرامائي طور تي گهٽ ٿيو آهي، 2022ع 11 سيڪڙو کان هلندڙ سال صرف 6 سيڪڙو رهجي ??يو آهي. رپورٽ ۾ سبسٽينس ان سيڪيورٽي انڊيڪس (ايس آءِ آءِ) به متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو محرومي جي ??يمائش لاءِ ٽن ر??ن ۾ 17 غير مالياتي انگن جو استعمال ڪري ٿو، انڊيڪس موجب تقريبن 70 سيڪڙو افغان واسي خوراڪ، صحت جي سارسنڀال، روزگار ۽ ٻين روز مره جي ضرورتن لاءِ پنهنجو بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان قاصر آهن. افغانستان ۾ عالمي امداد اڻٽر رهي آهي جنهن لکين ماڻهن کي بک کا بچايو آهي، ان امداد معاشي تباهي کي روڪڻ به مدد ڪئي آهي، ملڪ ۾ يو اين ڊي پي جي ??مائندي اسٽيفن روڊ ريڪس چيو ته امداد جو وهڪرو اهڙي وقت ۾ گهٽ ٿي رهيو آهي جڏهن آبادي جي ??ڪ وڏي اڪثريت انتهائي غير محفوظ آهي. هن چيو ته نجي شعبو، مالياتي نظام ۽ معيشت جي ??جموعي پيداواري ??لاحيت جي بحالي لاءِ مدد ۽ ڪوششن لاءِ تڪميلي سيڙپڪاري ??ي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ب??نڪنگ سسٽم ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو آهي، مائيڪرو فنانس سيڪٽر سميت، عورتن جي ??يادت هيٺ مائيڪرو ۽ ننڍن ڪاروباري ??دارن جي ??دد لاءِ گهڻو اهم آهي جن ۾ 2021ع کان 60 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. يو اين ڊي پي چيو ته افغانستان ۾ ب??رانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به ڪوشش ۾ عورتن جي ??عاشي شرڪت کي سڀني کان اڳيان هجڻ گهرجي.
افغانستان ۾ عورتن جي حقن جي بحالي جو دارو مدار عالمي امداد تي آهي: يو اين ڊي پي
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria