گڏيل قومون-29 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪيو آهي ته غزه جا رهواسي پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهيا آهن، هن فلسطين شهرين سان يڪجهتي ??ي اظهار جي عالمي ڏينهن تي ??اري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي غزه جي گهيراءُ ۽ قبضي جي خاتمي جي مطالبي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هو هن خطي ۾ ايتري ??ڏي تعداد ۾ ٿيل فوتگين ۽ تباهي کان ڊنل آهن، غزه ۾ تازن ڏينهن ۾ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جا اهلڪار به ??ڏي تعداد ۾ مارجي ويا آهن جيڪو عالمي اداري جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو جاني نقصان آهي، هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي ??سرائيل تي ڪيل حملي تي ??سرائيلي پاران فلسطيني شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو جواز قرار نٿو ڏئي سگهجي. سيڪر??ٽر?? جنرل ڊگهي مدي واري جنگ بندي ۽ اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني شهرين جي آزادي جو مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته بي گهر ٿيل اٽڪل 17 لک فسلطيني ڪٿي به محفوظ ناهن، بيت المقدس جي اوڀر حصي سميت والاريل اولهندي ڪناري جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي، هن انهن هزارين خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪي پنهنجي پيارن کي وڃائي چڪا آهن ۽ وڃائي رهيا آهن. غزه ۾ مارجي ويلن ۾ گڏيل قومن جا اهلڪار پڻ شامل آهن. هن چيو ته اسرائيل حماس وچ ۾ جنگ بندي ۾ توسيع انسانيت جي جهلڪ ۽ اميد جو ڪرڻو آهي، جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته جنگ بندي غزه پٽي جي امدادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.
فسلطيني پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهيا آهن: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ