گڏيل قومون-26 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش پنهنجي خلاف لڳايل اسرائيلي الزامن کي ڪوڙ قرار ڏيندي رد ڪري ??ڏي?? آهي. هن هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي سفارتڪارن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي سندس خطاب کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ کيس ان سان سخت ڏک پهتو آهي. هن چيو ته هو ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته هن فلسطيني عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو هو پر هن اهو به چيو هو ته ان کي حماس جي اسرائيل خلاف ڪارروائي جو ??وا?? قرار نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسرائيلي سفارتڪارن جو هي الزام ته هن حماس جي حملي جو ??وا?? پيش ڪيو مڪمل طور تي ڪوڙ آهي، هن چيو هو ته جيتوڻيڪ حماس طرفان 7 آڪٽوبر تي ڪيل حملن جو ڪو به ??وا?? پيش نٿو ڪري سگهجي پر ان حقيقت جو ادراڪ به ضروري آهي ته حماس جا حملا خلا ۾ ناهن ٿيا، فلسطينين کي 56 سال ڏاڍ جو شڪار بڻايو ويو آهي ۽ حماس جي حملن کي فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو ??وا?? نٿو بڻائي سگهجي. سيڪريٽري جن??ل جي ان بيان جي ??وا?? ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن ساڻس ملاقات کان انڪار ڪري ??ڏي?? جڏهن ته گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير گيلاداردان ٽوئيٽ ڪيو ته سيڪريٽري جنرل اسرائيل تي حملاس جي حملي جو ??وا?? پيش ڪيو آهي ان کانپوءِ هو ان عهدي تي رهڻ جو اهل ناهي رهيو ?? کيس استعيفا ڏيڻ گهرجي، سيڪريٽري جن??ل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ موجب هن اسرائيلي سفير طرفان استعيفا ڏيڻ جي مطالبي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسرائيلي الزامن کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ