اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀار?? جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حم??ا نه ڪرڻ واري معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988?? تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست باضابطا طور تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ج?? نمائند?? جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀار?? جي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ج?? نمائند?? جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ ڀار?? جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حم??ا نه ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria