اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت جي سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ وفاق ۽ صوبي جي تعاون سان جاري عوامي مفاد جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ??قتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيم?? ۽ ??ملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه وزيراعظم کي سنڌ جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري توانائي جي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ??يو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي.
وزيراعظم سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena