اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ترڪمانستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور پر??يهي وزارت ۾ منعقد ٿيو، پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قيادت ??ئي. ترڪمانستان پاران وفد جي قيادت ??ابينا جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جي پر??يهي وزير راشد ميريدوف ڪئي. پر??يهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ترڪمانستان جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي تعاون، رابطن ۽ عوام سان عوام جا ??ابطا شامل آهن. هنن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪن??ي قيادت جي سطح تي اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين چيو ته ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار کي پڻ مضبوط ڪنداسين. ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترجيحي شعبن ۾ ويجها اقتصادي رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين تاپي پائيپ لائين ۽ تاپ TAP بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير پاڪستان جي حقيقي صلاحيت موجب ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سهولت لاءِ ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب ڌرين ٻطرفي پارلياماني رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي وظيفن بشمول سفارتڪارن جي تربيت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي ترتيبات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت گڏيل ڳڻتي جي علائقا??ي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان ترڪمانستان ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور
مضمون کا ماخذ : رومن دولت