اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??من ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان اهڙي مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جتي ??من هجي ۽ انسانيت وڌي ويجهي. گڏيل قومن تحت ??من قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جي ??من دستن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي. ??من دستن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن جا خصوصي طور تي ٿورن جو اظهار ڪري ٿو جن دنيا ۾ ??من برقرار رکڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان ج?? بهادر عورتن سميت 2 لک 30 هزار فوجي اهلڪارن گڏيل قومن جي ??من مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي 64 سالن ۾ قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي ۽ انهن ۾ اسان جا 181 شهيد پڻ شامل آهن جن عالمي ??من جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان انهن ک?? به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. انهن جي بي لوث جرئت ۽ قرباني سدائين اسان جي دلين تي نقش رهندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??من ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اڄ اسان هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جت ??من ۽ انسانيت وڌي ويجهي.
پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ریل رش