لاهور – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مزدور کي درپيش مسئلن جو ادراڪ آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن ملڪ جي تباهي جو سبب آهي، جلد ??ن جو خاتمو ڪنداسين، سعودي عرب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان ملڪ کي بحرانن ما?? ڪڍنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي رهائشگاهه تي مزدورن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو قومي معيشت ۾ مزدورن ۽ پورهيتن جي قدر کان چڱي ريت آگاهه آهي، واپاري، سيڙپڪار ۽ صنعتڪار مزدورن جي حالت بهتر بڻائڻ کي ترجيح ڏين. هن چيو ته مزدور کي درپيش مسئلن جو ادراڪ آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن ملڪ جي تباهي جو سبب آهي، جلد ??ن جو خاتمو ڪنداسين، ملڪي معاشي حالتون چئلينجنگ آهن، سعودي عرب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان ملڪ کي بحرانن ما?? ڪڍنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان کي مزدور جي عظمت جو پورو ??حساس آهي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سيڙپڪار ۽ پورهيت هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن، هر فيڪٽري ۾ هڪ ڦيٿو سيڙپڪار آهي ۽ هڪ پورهيت آهي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن مزدورن کي ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جي گهرج آهي ته امير غريب جي فرق کي گهٽ ڪيو وڃي، نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته مزدور جي اجرت پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ادا ڪريو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي سان عام مزدور کي يقيني طور تي مسئلا درپيش آهن، روزانو جا خرچ مزدور وڏي مشڪل سان برداشت ڪري ٿو پر اسان اهڙا قدم استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون جو ملڪ جلد مهانگائي جي چنبي مان نڪري ويندو. شهباز شريف چيو ته ڪاروباري ماڻهو خاندان کانسواءِ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ منصوبا ٺاهين، اهڙا منصوبا ٺاهين جو مزدور جو ٻار انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بڻجي، سيڙپڪارن، واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي دولت تي مزدورن جو پڻ حق آهي. وزيراعظم چيو ته مون کان وڌيڪ مزدورن جي مسئلن کي ڪير ڄاڻي سگهي ٿو، منهنجو والد مرحوم پڻ هڪ مزدور هو، منهنجو والد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لاهور آيو، هو 6 ڀائرن سان گڏ لاهور جي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو هو، هن لاهور جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، شام ۾ مزدوري ڪندو هو. هن تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته مون توهان کي دل جي گهراين سان پنهنجي گهر گهرايو آهي، اڄ توهان سرڪاري گهر ۾ مهمان نه پر محمد شريف جي خاندان ۾ موجود آهيو، توهان منهنجا مهمان آهيو، هي دعوت نو??ز شريف ۽ منهنجي طرفان آهي، دلي خوشي آهي ته مون کي توه??ن جي مهمان نو??زي جو موقعو مليو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون چئلينجنگ آهن پر حڪومت ملڪ کي ان ڌُٻڻ ما?? ڪڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، سعودي عرب جو تازو دورو ??ميد جو ڪِرڻو ثابت ٿيندو ۽ ??ن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، ان دوري دوران مون مختلف وزيرن سان اطمين??ن جوڳيون ملاقاتون ڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ڪاروباري ماڻهو پاڪستان اچڻ وارا آهن جنهن سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ مهانگائي گهٽ ٿيندي. شهباز شريف چيو ته ملڪ جي بربادي جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، کربين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي رهيا آهن، انهن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ وارو ??هي، شاهه خرچين ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته اس??ن جي حڪومت شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ وظيفا ڏنا، هي ملڪ امير جو به آهي ۽ غريب جو به آهي، پاڪستان يتيم جو به آهي، هتي سڀني کي برابري جي سطح تي بنيادي حق ح??صل آهن. هن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ جلد عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.
مزدور کي درپيش مسئلن جو ادراڪ آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں