اسلام آباد– 29 – ??ارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستا?? ۾ ??يران جي ??فير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايراني سفير صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻنهي جي و?? ۾ ??اريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي، بئنڪنگ تعاون ۽ فضائي ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان چاهه بهار – زاهدان ريل روڊ ??ان وچ ايشيا، يورپ ۽ ترڪيءَ سان واپاري جي لاءِ فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي. هن ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پاران صدر جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa