اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف معاشي سڌارا لاڳو ڪرڻ جي پاڻ نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته معيشت جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ وفا??ي وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر نويد احمد، ڊاڪٽر فراز حيات ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ روانگي واپار ۾ اضافي، بجلي جي شعبي جي ترقي، اوڳاڙين ۾ اضافي، صنعتي ترقي جي حوالي سان تجويزون ڏيندي هڪ جامع روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي و??ير??عظم چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ماهرن ۽ سمورين ڌرين کي مشاورتي عمل جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڌرين سان مشاورتي اجلاسن جي پ??ڻ صدارت ڪندس. و??ير??عظم چيو ته روانگي واپار جي عالمي منڊي تائين پهچ ۽ برآمدي صنعت کي سموريون سهولتون يقيني بڻائينداسين، وڌيڪ ٽيڪس بدران ٽيڪس نيٽ وڌائڻ سان اوڳاڙين ۾ اضافو ڪنداسين، پاڪستان ۾ ننڍي، وچولي ۽ وڏي پئماني جي صنعت کي ترقي ڏينداسين. و??ير??عظم معيشت جي شعبن جي مرحليوار سڌارن تي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم ملڪي درآمدي پاليسي ۾ ويليو ايڊيشن سان برآمدات وڌائڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بجلي جي شعبي جي موجوده صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته نوجوا??ن کي جديد ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ علم ۽ هنر سان ليس ڪنداسين. و??ير??عظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام جاري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. پاڪستان ۾ برآمدي شعبي جي وسيع صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ عالمي ماهرن جي تجربي مان فائدو کنيو ويندو. و??ير??عظم ملڪي معيشت جي شعبن جي مرحليوار سڌارن تي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
معاشي سڌارا لاڳو ڪرڻ جي نگراني پاڻ ڪندس، معيشت جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر