اسلام آباد-21 فيبروري (ا?? پي پي) تعل??م ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، ان جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ داشمندي هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوٽيڪ جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ??ندي ڪيو. اجلاس ۾ نيوٽيڪ جي چيئرپرسن گل مينه بلال احمد کان علاوه تعليم واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بحيثيت وزير طور سندس نيوٽيڪ جو ٻيو اجلاس هو. هن ??ميٽيءَ جي اهميت تي روشني وڌي ۽ ايندڙ حڪومت تي زور ڀريو ته اها به ان کي اهميت ڏي. هن ??يو ته گذريل اجلاس ۾ هن عورتن جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪئي جنهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي ۽ اڄ هن ??يئرپرسن کي هدايت ڪئي آهي ته نيوٽيڪ جي سمورن پروگرامن ۾ معذور ۽ کدڙن فقيرن جي ڪوٽا به وڌائي وڃي. هن ??يو ته نيوٽيڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، نيوٽيڪ جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ دانشمندي آهي. مدد علي سنڌي سيڪريٽري تعليم پنجاب ۽ سنڌ جي غير حاضريءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
نيو ٽيڪ جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي شامل ڪرڻ دانشمندي هوندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : کڑک