اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن بابت سمورين خبرن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور مع??وم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حقيقتن تي هلو، جيڪڏهن شڪ هجي ته تصديق ڪريو، چونڊن بابت سمورين خبرن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور مع??وم ڪريو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس يلز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا چينل 92 نيوز تي 8300 (ايس ايم ايس) سروس تي اڌوري مع??ومات فراهم ڪرڻ بابت خبر صحيح نه آهي. اصل حقيقت اها آهي ته پولنگ اسٽيشنن جي فهرست جي ح??مي ڇپائي چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ ڪئي وڃي ٿي ۽ هن وقت ووٽرز پنهنجو شمارياتي بلاڪ ڪوڊ چونڊ فهرست ۾ سلسلي نمبر، خاندان نمبر، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر ۽ پولنگ اسٽيشن جو نالو مع??وم ڪري سگهن ٿا. هن وقت پولنگ اسٽيشنن جي لسٽن جي تڪ وار شروعاتي ڇپا??ي ڪئي وئي آهي ۽ ان تي ووٽرز پنهنجا اعتراض ۽ تجويزون ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر وٽ 11 جنوري 2024ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر 17 جنوري 2024ع تائين انهن اعتراضن/ تجويزن تي فيصلو ڏيندا. پولنگ اسٽيشنن جي لسٽن جي ح??مي ڇپائي چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ ڪئي ويندي. ڇپائي کانپوءِ 8300 (ايس ايم ايس) تي ووٽر جي مٿي ڄاڻايل دستاويزن جا تفصيل ڏنا وڃن ٿا. پوسٽل بيلٽ جو حق استعمال ڪندڙ ووٽرز گهربل مع??ومات لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيسن ۾ موجود چونڊ فهرستن تان حاصل ڪري سگهن ٿا.
چونڊن بابت سمورين خبرن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور معلوم ڪرڻ ضروري آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری