اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي م??اشي م??ڪلاتن جو وڏو سبب اسمگلنگ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ??ي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان جي م??اشي م??ڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگلنگ ۽ شين جي غيرقانوني چرپر آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سان ٽريڪنگ جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم حڪم ڏنو ت?? جيڪو به اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ڪنهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان ڪوتاهي ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري بلوچستان ک?? چاغي ضلعي جي سموري انتظامي م??ينري تبديل ڪرڻ جي پڻ هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي سرحدي علائقن تي نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چيڪنگ ۾ بهتري آندي وڃي ۽ چمن ??ارڊر تي ڪسٽمز جو عملو وڌايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ت?? بلوچستان جي م??ڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي پاران جاچ تي جاري اڳڀرائي تي نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ڪميٽي کي پوري ايمانداري سان پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? حڪومتي قدمن ??ان ايران مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽريڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ آفيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ??ئي.
نگران وزيراعظم پاران افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔