ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته بريسٽ ڪينسر، نفسياتي مسئلن ۽ معذوري کي منهن ڏيڻ جي ??ميواري رڳو حڪ??مت وقت جي نه پر معاشري جي هر ماڻهو کي ان جي ??دارڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، معذور ماڻهن جي ڀلائي ۽ بريسٽ ڪينسر جي ??وڪٿام بابت ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ??عاون سان ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ معذوري بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي ??والي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ ڊس ايبيليٽيز، ريهيبيلي ٽيشن روڊ سيفٽي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن بابت ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ خاص مهمان کي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي. ميزبان تنظيم پاران موضوع جي مناسبت سان شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪ??مت جي ڪوشش آهي ته سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ معذوري بابت آگاهي جي ??والي سان ٺوس ۽ قابل عمل قدم کنيا وڃن، معاشري جي ??مورن طبقن کي آگاهي جي لاءِ اڳتي وڌي ان موذي مرض جي ??وڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان سان گڏوگڏ عورتن کي پاڻ تشخيص بابت رهنما هدايتن موجب پنهنجي ??حت جو خيال رکندي هڪ مخصوص عمر کانپوءِ پنهنجي ??بي معائني جي معمول کي اختيار ڪرڻو پوندو. سيمينار کي ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال، ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ پارٽمينٽ، ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊيس ايبليٽيس اينڊ ريهيبليٽيشن، ڊبليو ايڇ او بلوچستان جي ??ربراهه ڊاڪٽر اسفند يار شيراني پڻ خطاب ڪيو. سيمينار جي پڄاڻي تي موضوع جي ??والي سان سوال جواب جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو.
بريسٽ ڪينسر، نفسياتي مسئلن ۽ معذوري کي منهن ڏيڻ جي ذميواري رڳو حڪومت وقت جي نه پر معاشري جي هر ماڻهو کي ان جي تدارڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن