اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خ??ن ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خ??ن باڪو ۾ آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير النور ممدوف سان پاڪستان آذربائيجان ٻطرفي سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳا??هه ٻولهه دوران ٻئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پرڏيهي سيڪريٽري آذربائيجان جي ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳا??هه ٻولهه ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خ??ن پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳا??هه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳا??هين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياحت، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باضابطا شروعات بابت هڪ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون