اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي ق??دي?? جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته ق??دي?? تي ن?? هوندو. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽٽائي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ?? قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به ن?? هوندو. پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ق??دي?? ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت ق??دي?? تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.
صدر پاران عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال