ماسڪو – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يوڪرين ??ي تڪرار کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان تڪرار جا معاشي ا??ر درپيش آهن، اسان جو پڪو يقين آهي ته سمورن تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙيون ڪي رڪاوٽون نه آهن جن تي سفارتڪاري ڪامياب نه ٿي سگهي، روس سان توانائي جي ??عب?? ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفن ۽ علائقائي ا??تحڪام جي لاءِ اهم آهن، پاڪستان روس لاڳاپا پراڻا ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس جي سفارتڪاري جي مضبوط روايت تڪرار جي پرامن حل ۾ مدد ڪندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روسي فيڊريشن سان اعليٰ سطحي رابطا جاري رکندو. پنهنجي روسي هم منصب سان ٿيندڙ ملاقات کان ميڊيا کي آگاهه ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن 7 علائقائي معاملن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ پاڪستان روس سان و??پا??، سلامتي، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي ??عب?? ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن ثمرقند ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهه ملاقات ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺين بين الحڪومتي ڪميشن جي ا??لاس جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ و??پا??، معيشت ۽ توانائي جي ??عب?? ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملاقات دوران هن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ افغانستان تي بهتر تعاون آهي ۽ اهي جنگ کان متاثر ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو هدف حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪ روس توانائي تعاون بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت ملڪ ??ي توانائي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان روس آمريڪا يورپ سان پنهن??ي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهو ته هو مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏي ٿو، روسي پرڏيهي وزير سان سمورن ??عب?? ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان روس سان و??پا??، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوامي رابطن سميت ٻين ??عب?? ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ گرمجوشي موجود آهي، اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ دعوت تي روسي پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ اٺين بين الحڪومتي ا??لاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شاندار استقبال تي روسي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن ??عب?? ۾ روسي پرڏيهي وزير سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني معيشت ٻوڏ جي ڪري شديد متاثر ٿي. هن چيو ته روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ روس سان توانائي جي ??عب?? ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف پاڪستان سان پنهنجي فو??ي تعاون تي ا??مينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مشقن ۽ فو??ي تربيت سميت باقاعده فوجي رابطو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خطي مان دهشتگردي جي خاتمي جو سڌوسنئون تعلق افغانستان سان آهي، هن ان مقصد جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم خاص طور تي افغانستان بابت ان جي رابطا گروپ جي صلاحيتن کي ا??تعمال ڪرڻ تي ا??فاق ڪيو آهي. روسي پرڏيهي وزير پشاور جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ملاقات دوران هن انساني، ثقافتي ۽ تعليمي رابطا قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ روس پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، غيرجانبداراڻي پوزيشن جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ??ي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. روسي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس مختلف عالمي فورمن تي گڏيل موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ روس جو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف آهي، پاڪستان سان مختلف ??عب?? ۾ تعاون جاري آهي. سرگئي لاروف چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.
يوڪرين جي تڪرار کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان تڪرار جا معاشي اثر درپيش آهن، اسان جو پڪو يقين آهي ته سمورن تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری