اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي، شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خانيوال ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ آءِ ايس آءِ جي ڊائري??ٽر ۽ انسپي??ٽر جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪ??و. ??ن آءِ ايس آءِ جي ڊائري??ٽر محمد نويد صادق سيال شهيد جي گهرواريءَ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر گهرڀاتين جي همت، صبر ۽ بهادري سان صدمو برداشت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر انسپي??ٽر ناصر عباس ڀٽي شهيد جي گهرواريءَ سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيد جي قوم جي لاءِ خدمتن کي ساراه??و. ??ن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪ??و. ??ن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪوششون دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي. هن چيو ته شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.
پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خاتمي جي لاءِ متحد آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : bolão quina