اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عار?? علوي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جا??يد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلوچستان ۾ ه??لي??اپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در آرمي چيف سان ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر سعيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهروارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ??در ڊاڪٽر عار?? علوي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم جا فرض شناس فرزند بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ مشغول هئا ۽ انهن پنهنجي خدمتن جي ادائيگي ۽ قوم جي خدمتن لاءِ انتهائي دل ۽ جا??، م??نت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته بي لوث خدمت جي جذبي سان سرشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرمي چيف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪور ڪمانڊر جنرل سرفراز علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بريفنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. ??در ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته ان بريفنگ دوران مون کيس انتهائي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرمي چيف جنرل قمر جا??يد باجوه ??در کي ٻڌايو ته امدادي سرگرمين دوران خراب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري ه??لي??اپٽر حادثو پيش آيو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته ه??لي??اپٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر شهادت ماڻي چڪا آهن. ??در ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گهروارن ۽ پونئيرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر عارف علوي پاران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه کي ٽيليفون، بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا