اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پي?? وڃن، پيٽ جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي ج?? خاتمي واري وزير نوابزاده شاه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي س??اسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪئي وئي، ملاقات ۾ نوابزاده شاهه زين بگٽي وزيراعظم کي س??مر ڏينهن تي ڊيره بگٽي ۾ پيٽ جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي ڪامياب آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ وزيراعظم جي انهن قدمن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي متاثر خاندانن جي فوري طور تي مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مقامي آبادي کي صاف پاڻي ج?? فراهمي ج?? حوالي سان قدمن کي يقيني بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن ??ان بچاءُ لاءِ جامع حڪمت عملي ج??ڙڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي ج??هن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پيٽ جي وبا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽرز ۽ پيراميديڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.
حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو احساس آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ