اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. وفاقي وزيرن، اسلام آباد ۾ مقرر اسلامي ملڪن جي سفيرن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ شهر جي نمائندن پڻ صدر سان گڏ عيد جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. صدر عيد جي نماز جي اد??ئي??ي کانپوءِ ماڻهن ۾ گهلي ملي ويو ۽ هو انهن سان عيد مليو. عيد جي نماز جي ا??تم??ع ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، بقاءَ ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت والاريل مسلمان علائقن جي غيرملڪي قبضي کان آزادي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. اسلام آباد ۾ عيد جي نماز جو سڀ کان وڏو ا??تم??ع فيصل مسجد ۾ ٿيو جنهن ۾ هزارين فرزندان اسلام پڻ شريڪ ٿيا. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عيد جي خوشي جي موقعي تي عوام کي مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena