اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين معاشي صور??حا?? ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزُون ۽ سفارشُون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته اهي تجويزون زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، بئنڪاري، واپارين، ڪاروباري برادري سميت سمورن لاڳاپيل طبقن جي راءِ جي روشني ۾ جوڙيون وڃن. ان سلسلي ۾ ايندر ڪجهه ڏينهن ۾ سمٽ منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. بيان موجب حڪومت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪائونسل غيرجانبدار ۽ ناليوارن معاشي ماهرن تي ٻڌل هوندي. وزارت عظميٰ جو عهدو باضابطا سنڀالڻ کانپوءِ وزير??عظ?? جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ۾ معاشي ماهرن کي سفارشن جي تياري جو حڪم ڏنو ويو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ ملڪي معاشي صور??حا??، روينيو، بجيٽ خسارن، داخلي ۽ ٻاهرئين قرضن جي صور??حا?? سميت مجموعي قومي بيلنس شيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? شهباز شريف هدايت ڪئي ته معاشي صور??حا?? ۽ سنگين مالي خطرن کي ڏسندي فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي. هن اها هدايت به ڪئي ته پاليسي آپشنز تي ٺوس سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي روشني ۾ ٺوس قدم کڻي سگهجن. وزير??عظ?? عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پڻ ٺوس تجويزون جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ هن رمضان المبارڪ ۾ رمضان بازار جي مانيٽرنگ ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جو پڻ حڪم ڏنو. هن چيو ته اسان کي قومي ۽ عوامي مفادن جي ??چ ۾ بهترين توازن سان اڳتي وڌڻو آهي.
وزيراعظم پاران ملڪ کي درپيش سنگين معاشي صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزون ۽ سفارشون جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب