اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سا?? ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪ بحريه جي ڪردار تي ??فصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ٽائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي ??عاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وزير ملڪي معيشت ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃ??ا. ??ن چي?? ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا