اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ۽ محمد زبير جا بيان ن ليگ جي اندر ويڇن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي، خاندانن ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، ن ليگ ۾ هاڻي نئين قيادت سامهون اچي ويندي جيڪا س??ي ڳالهه آهي، پيپلزپارٽي کي به زرداري کان اڳتي نڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن مهيني خيبرپختونخوا ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پنجاب ۾ طاقتور مقامي حڪومتن جي چونڊ حڪو??ت جو اعتماد ظاهر ڪن ٿا، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ خيبرپختونخوا ۾ اميدوار به بي??اري نه سگهيا، اها ئي حالت پنجاب ۾ هوندي، هن چيو ته صرف هڪ ٻه ٽي وي چئنل انهن جي عملي طور تي مرده سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن