اسلام آباد – 23 – نو??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جو آئين سمنڊ پار ??اڪ??تانين کي ووٽنگ جو حق ڏي ٿو، ان سلسلي ۾ هڪ آسان آن لائين طريقيڪار ذريعي ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ ووٽنگ ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪ??تانين کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، انهن کي انهن جي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ انهن سان وڏو امتيازي سلوڪ ٿي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف ??اڪ??تان (اي سي پي) نيشنل ڊيٽابيس اين?? رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شفاف طريقي سان ووٽر لسٽن جي تياري لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سمنڊ پار ??اڪ??تانين جي لاءِ پوسٽل بيلٽ ۽ سفارتخانن ۾ عملي پولنگ جي ذريعي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان ڏکيائيون آهن، انٽرنيٽ ووٽنگ ٻاهرئين ملڪ رهندر ??اڪ??تانين جي لاءِ ووٽ وجهڻ جو سڀ کان آسان ۽ قابل عمل طريقو آهي. هن زور ڏنو ته ??اڪ??تان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي. آنل ائين ووٽنگ جي تفصيل بابت هن چيو ته حڪومت ويجهي مستقبل ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪ??تانين جي لاءِ 5، 6 ڏينهن جي لاءِ رجسٽريشن ونڊو کولي ڇڏيندي. هن چيو ته داخلا کانپوءِ نادرا جي ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿيڻ ت?? ملڪ جي مقامي فهرستن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙن جو نالو گري آئوٽ ٿي ويندو، ان کانسواءِ سمارٽ فونز جي ذريعي ووٽنگ جي رازداري سان استعمال ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ ڪو?? ملندو. هن وڌيڪ چيو ته غيرشفافيت جي خدشي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وڌل ووٽن جي الگور ٿم ک?? ملايو ويندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن هڪ آڊٽ سستم لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن جي لاءِ پاس ورڊز چيف اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس آف ??اڪ??تان ٻنهي کي ڏئي سگهجي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ موثر آڊٽ سسٽم آن لائين ووٽنگ سسٽم جي هيڪنگ کي روڪي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پار ??اڪ??تانين جي لاءِ ووٽنگ جي عمل کي آسان بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪ??تانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت ک?? ملڪ ۾ پنهنجي هم وطنن سان شيئر ڪن ته جيئن انهن کي دنيا ۾ سبقت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سمنڊ پار ??اڪ??تانين جي حقن جي لاءِ صدر ۽ وزيراعظم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
ملڪ جو آئين سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ