اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي 21 هين صديءَ ۾ ايشيا جي صلاحيت?? کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? صورت ۾ رابطو ۽ علائقائي استحڪام ايشيا ل??ءِ ڪاميابي ج?? راهه هموار ڪندو. اهڙو اظهار هن”ايشيا ۽ علائقائي رابطا“ جي موضوع تي انطاليه سفارتي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود ??ريشي پنهنجي خطاب ۾ ايشيا کي درپيش چئلينجز خاصل ڪري حل طلب تڪرارن، اندروني ۽ ٻاهرين ڇڪتاڻ، هٿيارن جي ڊوڙ، هڪ طرفي ڳالهين (Unilateralism)، غربن، ڪ??وڊ – 19 ۽ موسمياتي تبديلي?? کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير ايشيائي ملڪن کي ج??و اقتصاديات تي توجه ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ پاڪستان جي پاليسي ج?? ٽن ستونن علائقائي رابطي، ترقي ج?? شراڪتداري ۽ امن ۽ خوشحالي کي اجاگر ڪيو. 21 هين صديءَ ۾ ايشيا جي صلاحيت تي روشني وجهندي شاهه محمود ??ريشي ايشيا کنڊ ۾ موجود سهڪار جي امڪانن طرف توجه ڏياري. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? شڪل ۾ رابطا ۽ علائقائي استحڪام ڪامياب ايشيائي صدي لاءِ راهه هموار ڪندو. ا?? کي نظر ۾ رکندي هن چيو ته سي پيڪ، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو فليگ شپ منصوبو آهي، خطي ج?? ملڪن لاءِ وڏا موقعا فراهم ڪري ٿو. پرڏيهي وزير خطاب ۾ ايشيا ۾ وڌ کان وڌ علائقائي سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ 5 قدمن جون تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي تي توجه ڏيڻ، ايشيا ۾ اسرندڙ ملڪن لاءِ قرض کان نجات لاءِ عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن سان رابطن ۾ اضافو ته جيئن درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي سهولت مهيا ڪري سگهجي.
واپار ۽ سيڙپڪاري علائقائي استحڪام ايشيا لاءِ ڪاميابي جي راهه هموار ڪندا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا