اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي ر??بطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاءِ جاري مالي سال دوران 53 ملين رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خدمتن جي فراهمي لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب جي برآمدات جي لاءِ نظام الاوقات جوڙڻ جي حوالي سان واپار واري وزارت ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي ??ڏه?? ته جاري مالي سال جي لاءِ دفاع واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني ??ئي آهي. اقتصادي ر??بطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال