اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان چين سدابهار دوستي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي وئي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ استحڪام جو ذريعو ئي نه پر ڌرتي ت?? رهندڙ انسانن جي ترقي ۽ ڀلائي جو به ذريعو بڻجي چڪي آهي. هن اها ڳالهه پا?? چين دوستي جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي عوامي جمهوريه چين جي سفارتخاني جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ??ئي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خصوصي معاون طارق فاطمي، بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، ا??ئر چيف سهيل امان، اعليٰ سول فوجي عملدار ۽ ناليوارن شهرين جو وڏو انگ موجود هو. صدر چيو ته پا?? چين دوستي جي شروعات ان زماني ۾ ٿي جڏهن دنيا ۾ اهڙي طرح جي بي غرض ۽ پرخلوص دوستي جون مثالون نه ملنديون هيون. هن چيو ته سڄي دنيا پا?? چين اقتصادي لنگهه کي اميد ڀرين نظرن سان ڏس?? رهي آهي.
پاڪستان چين دوستي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي وئي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں