رياض -11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب غزه جي صورتحال تي اسلامي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزير?? جو اجلاس فوري طور تي طلب ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ عسڪري ڪ??رروائين ۽ وڌندر ڇڪتاڻ جو جائزو ورتو ويندو، جيڪا خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطري جو سبب بڻجي رهي آهي. سعودي عرب اهو اجلاس اسلامي سربراهي ڪ??نفرنس جي موجوده سيشن جي سربراهه ۽ او آءِ سي ورڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان طلب ڪيو آهي. ان کان علاوه او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ غزه ۾ اسرائيل ج?? فوج جي جارحيت جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏو انگ معصوم ٻارن، عورتن ۽ صحافي?? جو پڻ آهي. او آءِ سي اسرائيل کي عالمي ٺهرائن کي نظرانداز ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. او آءِ سي سي عالمي برادري خاص طور گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ، فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اسرائيل ج?? ظالماڻو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ٺوس ڪردار ادا ڪري ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۽ اوڀر القدس کي ا?? جو گادي وارو شهر بڻائڻ جي سلسلي ۾ قدم کنيا وڃن. او آءِ سي سلامتي ڪ??ئونسل کي چيو آهي، ته اها عرب امن فارمولي ۽ عالمي ٺهرائن مطابق ٻه رياستي حل ج?? تصور جي بنياد تي جامع ۽ منصفاڻو امن قائم ڪرائي.
غزه صورتحال تي سعودي عرب او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر